SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Communal Conflict

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kɔmjunl
  • kənflikt
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Communal Conflict

ڪميونل ڪانفلڪٽ

فرقيوار فساد- پنگتي تڪرار

هڪ اهڙي ڇڪتاڻ ڀري صورتحال ، جنهن ۾ ٻه مختلف خيال رکندڙ ڌريون/ گروهه/ فرقا ۽ نسلي اڪائيون ، پنهنجن گروهي عقيدن ، ويساهن ، مفادن ۽ ڪٽر- پڻي سبب هڪٻئي کي ذهني ۽ جسماني اذيت ڏيڻ سميت ڪنهن به تشدد ڀري انتها تي پهڃي وڃن . هن قسم جي ڇڪتاڻ دوران تڪراري گروهه سندن وچ ۾ موجود اختلاف سهپ ۽ امن- ڀري ڳالهه ٻولهه بجاءِ طاقت جي استعمال ۽ شدت- پسند روين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ان ڏس ۾ هر انتها تائين وڃڻ لاءِ تيار هوندا آهن . ڇڪتاڻ جي ابتدا هڪٻئي خلاف زباني اظهار سان ٿيندي آهي ۽ انتها ڪمزور ڌُر جي قتلام تائين پهچي ويندي آهي . ننڍي کنڊ ۾ هندو- مسلم تڪرار، يورپ ۾ بوزنيائي گهوٽالي ، قبرص ۾ يوناني ۽ ترڪ ڇڪتاڻ ، فلسطين ۾ عرب- اسرائيلي تنازعي ۽ نازي جرمنيءَ ۾ يهودين جي صفايي جي مهم سميت دنيا جي هر حصي ۾ پنگتي تڪرار اُڀريا آهن ، جنهن جي نتيجي ۾ تمام وڏن ڏچن ۽ انساني المين جنم ورتو آهي . عام طور هن قسم جي تڪرارکي اڻوڻندڙ ماضي هوندو آهي ۽ لاڳاپيل ڌرين ۾ٿيندڙ تڪرار جو سلسلو نسل در نسل کان منتقل ٿيندو رهندو آهي .


Remember Me Also:

سست مارڪو

ذ. صفت. سست ، رولاڪڙ ، ڪانٽ ، گيسر کاڌو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal